عبدالحليم ڪنڊوي مولانا

عبدالحليم ڪنڊوي، مولانا: عالم دين ۽ استاد مولانا عبدالحليم ڪنڊي ڀاڳناڙي (بلوچستان) جي ڪنڊي ڳوٺ جو رهاڪو هو. هن ابتدائي تعليم ميرپور (قلات) جي مشهور عالم قاضي محمد ابراهيم ميرپوريءَ کان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ آريجا جي مشهور عالم مخدوم محمد آريجوي وٽ آيو، جنهن پيرسنيءَ سبب پاڻ پڙهائڻ بدران کيس پنهنجي هڪ شاگرد سيد عاقل شاهه هالاڻيءَ واري ڏانهن موڪليو، جنهن کان هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. تعليم جي حصول کانپوءِ هن پنهنجي ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ درسگاهه قائم ڪئي، جيڪا سندس نالي سان ‘مولانا عبدالحڪيم ڪنڊويءَ جي ڪنڊي واري درسگاهه’ جي نالي سان مشهور آهي، جتي ساڳي وقت رياست طرفان کيس قاضي مقرر ڪيو ويو. سندس مدرسي مان جيڪي شاگرد فارغ التحصيل ٿيا، تن شاگردن ۾ خليفو محمد يعقوب همايوني، مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي وغيره خاص آهن. جن کان پوءِ سڄي سنڌ فيض پرايو. ان لحاظ سان مولانا عبدالحليم ڪنڊوي سڄي سنڌ جو استاد ليکيو وڃي ٿو. پاڻ پنهنجي شاگرد خليفي محمد يعقوب همايونيءَ سان گڏجي ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ آباد ۾ لڏي آيو ۽ پوءِ همايون ڳوٺ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين، جتي استاد ۽ شاگرد گڏجي پڙهائيندا هئا. مولانا عبدالحليم سڄي عمر درس و تدريس سان لاڳاپيل رهيو. سنڌ جو هي نامور عالم ۽ استاد 1254هه/1838ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مقبرو روهڙيءَ ۾ مختيارڪار آفيس جي ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي آهي. کيس مقامي ماڻهو ‘پکي وارو پير’ جي نالي سان سڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو